اسلام آبا?? – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان هنگري سان پنهنجي خوشگوار لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان پارلياماني ?? اقتصادي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه هنگري جي وقتي ناظم الامور تيوادار تڪاڪاس سان ڳالهائيندي چئي جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي.