اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله پنهنجي وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افعانست??ن جي صورتحال، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن بشمول ميڊيا وفدن جي مٽاسٽا سميت ڊرامي ۽ فلم جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته افغانست??ن جي صورتحال اهڙي طرح خراب ٿيندي رهي ته اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانست??ن جي وڏي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي افغانستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجون ??وش??ون ڪرڻيون پونديون، افغانست??ن جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو. اطلاعات واري ??فاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ پڻ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته پاڪستاني ڊرامن ٻين زبانن ۾ ترجمي سان گڏ پنهنجو ه?? مقام ٺاهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستاني ڊرامن کي ملائيشيا جي عوام کي پڻ پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خاص طور تي افغان عوام جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪست??ن جي ??وش??ن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان اسلامي ملڪن جي تنظيم جو اهم ميمبر ۽ مسلمان امت ۾ اهم مقام رکي ٿو. هن چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪست??ن جون ??وش??ون ساراهه جوڳيون آهن. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان ميڊيا، فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ تعاون کي فروغ ڏينداسين. ملاقات ۾ اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو.