اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪوئيٽا ۾ بلوچستان يونيورسٽي جي گيٽ تي ٿيندڙ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ان ط??ح جي بزدلاڻي تخريبي ڪاررواين سان ملڪ ۽ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته دهشت??رد پنهنجي ناپاڪ م??صدن کي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، دهشت??رد پوري انسانيت جا دشمن آهن، هن ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي ۽ لاڳاپيل ادارن کي زخمين ک?? بهترين ط??ي سهولتن جي فراهمي جون هدايتون جاري ڪيون.