اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ادارا آزاد آهن?? آدمشماري لاءِ سڀئي لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻيندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار متحده قومي موومينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
وفد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي و??رو وزير سيد امين الحق، خالد مقبول صديقي ۽ سينيٽر فيصل سبزواري شامل هئا. ملاقات ۾ منصوبابندي و??رو وفاقي و??ير اسد عمر به موجود هو، ملاقات ۾ آدمشماري ۽ سنڌ ۾ جاري وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وفد وفاقي حڪومت جي ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ انفرااسٽرڪچر جي بهتري لاءِ منصوبن تي و??يراعظم ??ي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته حڪومت ۽ اتحادي پارٽيون گڏجي سنڌ ۽ خاص طور ڪراچي جي ترقي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيُون آهن.
وزيراعظم ??يو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ادارا آزاد آهن?? آدمشماري لاءِ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻيندي، پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي چونڊ عمل تي مثبت اثرن جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي.