اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حم??د قريشي چيو آهي ته پا??ستان آم??يڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيد??ر لاڳاپن جي قيام جو خواهشمند آهي، عالمي برادري پاران مثبت شموليت، انساني امداد، مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ جي غرض سان پائي??ار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پا??ستان جي دوري تي آيل آم??يڪي پرڏيهي نائب وزير وينڊي آرشر من سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جو اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو به ساڻس گڏ هو. جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل ??حم??د ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان ۽ علائقائي امن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آم??يڪي پرڏيهي نائب وزير بلوچستان ۾ آيل زلزلي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. افغانستان ۾ پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان ۽ آم??يڪا جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي، پرڏيهي نائب وزير افغانستان مان آم??يڪي ۽ ٻين شهرين جي نڪرڻ لاءِ پا??ستان جي مدد ۽ خطي ۾ امن لاءِ استعمال ايندڙ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان ۾ نئون سيٽ اپ استحڪام سان گڏوگڏ سموري افغان عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو، افغان عوام جي نمائنده ۽ ڊگهي بنياد واري حڪومت عالمي برادري لاءِ اعتماد جي قابل حصي??ار ٿي سگهي ٿي، شاهه ??حم??د قريشي چيو ته موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري پاران مثبت شموليت انساني امداد ۽ مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ پائي??ار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي، پا??ستان معاشي تعاون، علائقائي رابطن جي فروغ ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ آم??يڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيد??ر لاڳاپن جو خواهشمند آهي، هن چيو ته پا??ستان ۽ آم??يڪا باقاعده ۽ منظم ڳالهين جو عمل اسان جي ٻطرفي مفادن سان گڏوگڏ گڏيل علائقائي مقصدن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ضروري آهي، آم??يڪي پرڏيهي نائب وزير پا??ستان ۽ آم??يڪا جي وچ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ متبادل توانائي جي حوالي سان ٻطرفي ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي. غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير انساني حقن جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪندي پرڏيهي وزير ڏکڻ ايشيا ۾ پائي??ار امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل جي اهميت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير آم??يڪا پاران پا??ستان کي ڏنل ڪووڊ 19 بابت مدد تي پرڏيهي نائب وزير وينڊي جو ٿورو ادا ڪيو.