اسلام آباد/ نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانين جي منجمند اثاثن کي ک??لڻ سان افغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مد ملندي، ذميدارڻي طرز عمل طالبان جي پنهنجي مفاد ۾ آهي، هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هن اسان جي خلاف افغان سرزمين کي استعمال ڪي??. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي فارن پريس اي??وسيئيشن سان ورچوئل ملاقات ڪري رهيو هو. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال بدلجي رهي آهي، عالمي برادري ک?? طالبان مان ڪجهه اميدون آهن جڏهن ته ڪجهه ڌُرين جو خيال آهي ته طالبان جي موجوده قيادت اجتماعيت جي حامل نه آهي، پر منهنجي ڄاڻ موجب هاڻي افغانستان ۾ طالبان قيادت، وسعت پذير ٿي رهي آهي ان ۾ ا??غانستان جي ٻين قوميتن کي به شامل ڪي?? پيو وڃي، هن چيو ته آمريڪي قيادت موجب افغانستان ۾ ا??هن جو مشن مڪمل ٿي چڪو آهي، هدف حاصل ڪرڻ کانپوءِ افغانستان مان غير ملڪي فوج جو نڪرڻ درست فيصلو هو. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هندستان اسان جي خلاف افغان سرزمين کي استعمال ڪي??. جنهن جي ناقابل ترديد ثبوت اسان دنيا جي سامهون رکيا. انساني حقن جي پاسداري ک?? امتيازي نه ٿيڻ گهرجي. اسان خطي ۾ ا??ن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون، ڀارت اسان جي امن خواهش ۾، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفا قدم کڻي صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير ۽ پيچيده بڻايو. پرڏيهي وزير چيو ته افغانين جي منجمند اثاثن کي ک??لڻ سان افغانستن کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ملندي، عالمي برادري ک?? ان نازڪ تاريخي موڙ تي افغانين کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪابل مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي ۽ شهرين جي محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي پر بدقسمتي سان پاڪستان جي مثبت ڪوششن جو قدر نه ڪي?? ويو.