اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) جي تجويزن تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحافتي تنظيمن سان مشاورت ڪئي وئي آهي، اسٽينڊنگ ??ميٽي جي ميمبرن سان پڻ تجويزون شيئر ڪيون ويون آهن، ڪنهن جي اعتراض جي صورت ۾ ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي. هو قومي اسيمبلي جي اط??اعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ??ميٽي جي اجلاس ?? ڳالهائي رهيو هو. اسٽينڊنگ ??ميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف ڪئي. اط??اعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پيمرا چيئرمين محمد سليم ۽ صحافتي تنظيمن جا عهدي??ار پڻ موجود هئا. اط??اعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تجويزن تي ٻڌل فريم ورڪ اسٽينڊنگ ??ميٽي ۾ آندو آهي، اهي تجويزن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ڌرين سان شيئر ڪري رهيا آهيون، انهن تجويزن تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحافتي تنظيمن سان مشاورت ڪئي وئي آهي. ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف چيو ته اسان سڀني جو مقصد رياست جو خيال رکڻ آهي، پي ايم ڊي اي تي وڌيڪ صحافتي تنظيمن سان مشاورت جي لاءِ ذيلي ڪميٽي ٺاهي ڇڏيون ٿا، ذيلي ڪميٽي روزاني جي بنياد تي اجلاس ڪري مشاورتي عمل کي حتمي شڪل ڏي.