مظفر آباد -26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڀارت جي جمهوريت واري ڏه??ڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد کي حق خوداراديت جي حاصلات تائين جاري رکڻ واري عزم کي ورجايو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پاسبان حريت ڄمون ڪشمير جي انتظام هيٺ ??زاد ڪشمير ۾ ڪنٽرول لائين ويجهو چڪوٽي ۾ ڀارت جي جمهوريت واري ڏه??ڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويو. ڪارا جهنڊا هٿن ۾ کڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سوين شهرين چڪوٽي، مظفر آباد ۾ ڀارت مخالف ??حت??اجي ريلين ۾ شرڪت ڪئي.