اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اليڪٽرڪ وهيل چيئرز، عضون، ۽ لاڳاپيل لوازمات تي ڪسٽم ڊيوٽي کان ڇوٽ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل معذوري واري ماڻهن ??ي هنرمند ۽ انهن جي ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري اڪرام الله خان وزارت پاران ان ڏس ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گڏيل معذوري واري ماڻهن ??ي هنرمند ۽ انهن جي ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، خصوصي ماڻهن جي ??وز??ار ۽ صحت جون ضرورتون ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي م??اش??تي ۽ معاشي چئلينجز درپيش آهن، خصوصي ماڻهن ??ي بااختيار بڻائڻ حڪومت ۽ م??اش??ي جي اجتماعي ذميداري آهي.