اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي??يٽ جي چونڊن لاءِ سياستدانن جي منڊيءَ لڳل آهي، 30 سالن کان سي??يٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪرو ٿين ٿا، بلوچستان ۾ سي??يٽ جي هڪ سي?? جو اگهه 50 کان 70 ڪروڙ روپيا آهي، پنج سال اڳ مون کي سي??يٽ چونڊن ۾ پئسي جي آفر ٿي، پئسو لڳائي سي??يٽر بڻجندڙ پئسو ئي ٺاهيندو، ماضي ۾ اوپن بيلٽ جو مطالبو ڪندڙ اڄ پنهنجي مطالبي کان ڇو پٺتي هٽي ويا آهن، ڳجهي ووٽنگ ۾ حڪومت کي مخالف ڌر کان وڌيڪ سي??ون ملي سگهن ٿيون، سي??يٽ اليڪشن جيڪڏهن اوپن بيلٽ سان نه ٿي ته مخالف ڌر وارا روئندا، پي ڊي ايم چوري بچائڻ لاءِ يونين بڻيل آهي، روانگي واپار وڌڻ سان روپيو مضبوط ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار ڪلر سيدان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته سوال ته اهو ??هي ڇا هتي سياستدانن جي ضمير جو سودو ٿئي ٿو يا نه، رشوتون ڏئي ضمير خريد ڪيو وڃي ٿو، ايم پي ايز ۽ سي??يٽرز ملڪ جي قيادت آهن، رشوت ڏئي سي??يٽر بڻجڻ ۽ ايم پي ايز جي ضمير وڪرو ڪرڻ جو سلسلو 30 سالن کان هلي رهيو آهي ۽ سڀ کان وڏو سوال اهو ??هي ته ان ۾ سياسي قيادت کي به پئسو ملي ٿو. وزيراعظم چيو ته مون کي پاڻ پنج سال اڳ سي??يٽ جي چونڊن ۾ پئسي جي آفر ٿي هئي جڏهن سياسي قيادت کي خبر آهي ته سي??يٽ چونڊن ۾ پئسو هلي ٿو ته انهن ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي. ڇو ته اهي پاڻ پئسو ٺاهين ٿا ان لاءِ انهن ان سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪيو، اها جمهوريت جي نفي آهي، جمهوريت ۾ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته پئسو لڳائي ڪو سي??يٽر بڻجي وڃي، جيڪو پئسو لڳائي سي??يٽر بڻجندو اهو پئسو ئي
ٺاهيندو.