اسلام آباد – 10 – ج??ور?? (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪري ر??يو آهي، ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي پائمالين تي عالمي سطح تي آواز اٿارڻ جي لاءِ هو دنيا ج?? سمورن ملڪن جي 36 هزار پارليامينٽ ميمبرن ۽ چونڊيل نمائندن کي خط لکندو جن جي ذريعي هو عالمي برادري جي چونڊيل نمائندن جو ڌيان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري بدترين رياستي دهشتگردي طرف ڇڪرائيندو. سينيٽ چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار تحريڪ ڪشمير برطانيا ج?? صدر راجا فهيم ڪياني سان ملاقات دوران ڪيو.