اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون وي??ن ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 48 فوتگيون ٿيون جنهن مان 26 وي??ٽيليٽر?? تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 435 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 48 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 44 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 1 مريض گهر ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيو. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وي??ٽيليٽر?? تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 42 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 39 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 38 هزار 369 ٽيسٽ ڪي?? ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 461، پنجاب ۾ 14 هزار 804، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 581، اسلام آباد ۾ 4 هزار 492، بلوچستان ۾ 500، گلگت بلتستان ۾ 312، آزاد ڪشمير ۾ 219 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 53 هزار 828 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستا?? ۾ ??وويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وي??ٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وي??ٽيليٽر?? تي ڪوويڊ 19 جا 300 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪي??ز جو انگ 33 هزار 124 آهي.