اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه ??هي?? ڳالهين ذريعي سياسي حل جي ضرورت ??هي?? افغانستان ۾ امن پوري علائقي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وزير نثار احمد فيضي غورياني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ??لڪ?? جي ويجهن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجايو.