اسلام آبا?? – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي محتسبن جي فيصلن جي خلاف اپيلن کي وقت سر اڪلايو پيو وڃي، فيصلن جي خلاف اپيلن سڌوسنئون مون تائين پهچايون وڃن ٿيون جتي آئون اهو يقيني بڻايان ٿو ته 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪوبه فائل منهنجي ميز تي نه رهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته هي اها ڪارڪردگي آهي ج??هن جو مون واعدو ڪيو هو ۽ ان تي قائ?? آهيان.