اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرم??ن محمد صادق سنجراڻي بحرين جي وزيراعظم خليفه بن سلمان الخليفه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ مثالي دوست کان محروم ٿي ويو، بحرين جي وزيراعظم ٻنهي ملڪن ۾ مثالي ڀائيچاري جي روشن علامت ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ عظيم اڳواڻ هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحرين جي سفارتخان?? آمد ۽ بحرين جي پاڪستان ۾ مقرر سفير محمد ابراه??م محمد عبدالقادر سان بحرين جي قيادت ۽ ڏکويل خاندان لاءِ تعزيت جو اظهار ڪندي ڪيو.