اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي( قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام چ??و آهي ته حڪومت ملڪ ۾ عام ماڻهو جي کاڌي پيتي جي شين جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائيندي ۽ ان جي لاءِ ه?? ممڪن قدم کنيا ويندا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فخر امام چ??و ته حڪومت ملڪ ۾ ماڻهن کي درپيش مسئلن کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ق??م کڻي رهي آهي. هن يقين ڏياريو ته حڪومت پاران کنيل قدمن جي نتيجي ۾ تمام جلد بحالي جا ثمر ظاهر ٿيندا. ان کانسواءِ هن تنبيهه ڪئي ته فرضي مطالبن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ايڪشن ٿيندو.