اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه س??اجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته خنجراب کان اسلام آب??د تائين نئين آپٽيڪل ڪيبل آپريشنلائيز ڪئي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سندس چوڻ هو ته ٻئي مرحلي ۾ اسلام آباد کان ڪراچي ۽ گوادر تائين ڪيبلز وڇائي ويندي، آپٽيڪل ڪيبلز جو ڪم ڊيجيٽل هاءِ وي پلان تحت ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته چين جي تعاون سان آءِ ٽي انقلاب جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته س?? پ??ڪ سان پا??ست??ن ۽ خطي ۾ خوشحالي ايندي. سي پيڪ جي فيز ون منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي.