اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ڻڪ (اٽو) بنيادي ضرورت آهي، ان حوالي سان عوام کي ڪنهن به قسم جي کوٽ کي منهن ڏيڻو نه پوي، ملڪي ضرورتن موجب ڪڻڪ پوري ??رڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري جي روڪٿام تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هو م??ڪ ۾ ڪڻڪ جي صورتحال، ملڪي ضرورتن، موجوده اسٽاڪ ۽ مستقبل جي ضرورتن کي پورو ??رڻ جي حوالي سان حڪمت عملي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.