اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي ??عاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۾ غريب ۽ عام شهرين کي پن??نجي گهر جي ڇت جو تحفظ ڏيڻ لاءِ اڳڀرائي تيزي سان جاري آهي، وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت گهرن جي تعمير جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، تعمير ٿيل گهر جي وڪري جي مرحلي تي فڪس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ تعيراتي مرحلي تي سيلز ٽيڪس جو خاتمو اڏاوتن واري شعبي جي فروغ ۽ ترقي ۾ س??گ ميل ثابت ٿيندو.