گڏيل قومون – 31 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پشاور مسجد ۾ دهشتگردن جي آپگهاتي حملي جي سخت ترين لفظن ?? مذمت ڪندي چيو آهي، ته بزدلاڻي واقعي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي تي آندو وڃي. 15 رڪني سلامتي ڪائونسل طرفان جاري بيان ۾ سانحي جي متاثرين جي وارثن ۽ پاڪستان حڪومت سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. بيان ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته سلامتي ڪائونسل ويجهو دهشتگردي پوءِ اها ڪهڙي به شڪل ۾ هجي بين الاقوامي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته هن سانحي جي ذميوارن ۽ انهن جي مالي معاونت ڪندڙ توڙي سرپرستي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. بيان ۾ سمورن ملڪن کي اپيل ڪئي وئي ته هو بين الاقوامي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي هن معاملي ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن جي مدد ۽ معاونت ڪن. بيان ۾ چيو ويو ته سلامتي ڪائونسل جا ميمبر ملڪ ان عزم جو اظهار ڪن ٿا ته دهشتگردي جون ڪارروا??يو?? پوءِ اهي ڪهڙي به مقصد جون هجن ۽ هو دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ هجي ان کي جنهن به انجام ڏنو هجي اهو مجرماڻيون ڪارروا??يو?? آهن ۽ انهن جو ڪو به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي.