اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ادارن کي جاري حڪمن تي اڳڀرائي جي جائزي جي لاءِ جوڙيل ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم جو روزاني جي بنياد تي جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته سمورن منصوبن جي اڳڀرائي جي مسلسل نگراني انهن جي جلد کان جلد پڄاڻي تي پهچڻ طرف پهريون قدم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي صدارت ۾ وفاقي و??ارتن ۽ ادارن کي جاري ڪيل هدايتن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جوڙيل ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم بابت جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم روزاني جي بنياد تي ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم ج?? جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته سمورن منصوبن جي اڳڀرائي جي مسلسل نگراني انهن جي جلد کان جلد پڄاڻي تي پهچڻ طرف پهريون قدم آهي. وزيراعظم سمورين وفاقي و??ارتن ۽ ادارن جي سيڪريٽريز ۽ ادارن جي سربراهن کي ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم کي پاڻ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم جي موبائيل ايپلي ڪيشن ٺاهي و??ي آهي، ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم عالمي معيار جو هڪ منفرد ۽ جديد سا??ٽ ويئر آهي جنهن جي ذريعي وفاقي و??ارتن کي و??يراعظم پاران جاري ڪيل هدايتن جي نگراني ۽ انهن هدايتن موجب اڳڀرائي ج?? جائزو ورتو پيو وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي و??ير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي و??ير مصدق ملڪ، آءِ ٽي و??ري مملڪتي و??ير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افض?? ۽ ??اڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.