اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرد??ري انشورنس ڪمپنين جي بدانتظامي جي خلاف متاثر انشورنس پاليسي هولڊرز کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انشور??س محتسب پنهنجي پهچ وڌائي ۽ شڪايتن جو فوري حل يقيني بڻائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي انشور??س محتسب ممتاز علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪيسز ۾ وڌ کان وڌ شهرين کي مالياتي ريليف فراهم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انشورن?? ڪليمز جي حل ۾ متاثر پاليسي هولڊرز کي انصاف جي فراهمي ۾ انشور??س محتسب جي ڪردار بابت آگاهي جي ضرورت آهي، هن چيو ته انشور??س محتسب شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ?? آءِ سي ٽي ٽولز جو استعمال ڪري. ان کان اڳ صدر ايوان صدر ۾ منعقد حلف برد??ري و??ري تقريب ۾ ممتاز علي شاهه کان وفاقي انشور??س محتسب جي عهدي جو حلف ورتو.