اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪشمير جي معاملي تي تحريڪ انتشار ۽ ملڪ دشمن عنصرن جي ايجنڊا هڪ هئي، تحريڪ انتشار پڻ ڪشمير جي معاملي تي انتشار ڦهلائڻ جو سوچي رهي هئي، وزيراعظم جي وقت سر نوٽيس هڪ سانحي کان بچائي ورتو، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آ??ي، ڪشمير طرف ڪنهن کي ميري اک ??ان ڏسڻ نه ڏينداسين. ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ??ان گڏ پا??ليامينٽ هائوس ۾ صحافين ??ان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪشمير جي معاملي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وقت سر نوٽيس ۽ ڪشمير معاملن واري وزير جي ڪوششن ا??ان کي سانحي کان بچائي ورتو ۽ دشمن جي سازش ناڪام ٿي، دشمن کي ذلت کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته تحريڪ انتشار جي اها سوچ هئي ته ڪنهن حوالي ??ان انتشار پکيڙي ۽ افراتفري جو عالم هجي، اهي ان افسوسناڪ صورتحال مان فائدو کڻي رهيا هئا. هن چيو ته وزيراعظم سمورين اتحادي پا??ٽين ۽ ڌرين کي گهرائي انهن جي راءِ کي ٻڌو، ڪالهه جي اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سميت سموري سياسي قيادت موجود هئي، گڏيل افهام تفهيم ??ان معاملن کي حل ڪيو ويو، اجلاس جي اندر ئي فيصلو ڪيو ويو ته23 ارب رپين جي رقم وفاقي حڪومت فوري طور تي آزاد ڪشمير حڪومت کي فراهم ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي ڪاميابي آهي ته اهو معاملو بنا ڪنهن وڏي نقصان جي حل ٿي ويو، هڙتال ختم ٿي وئي ۽ مظاهرين پنهنجي گهرن ڏان??ن هليا ويا. هن چيو ته هي اهي حقيقتون آهن جيڪي لڪائي نٿيون سگهجن، وقت سر فيصلاسازي ??ان ئي بحرانن جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته حڪومتن جو ڪم وقت سر نوٽيس وٺي مسئلن کي حل ڪرڻ هوندو آهي. هن چيو ته ماضي کي نه وسارڻ گهرجي، ماضي ۾ هزاره ڪميونٽي جا لاش ڪيترائي ڏينهن پيل رهيا ۽ ان وقت جو وزيراعظم پنهنجي ضد تي قائم هو، نااهل حڪومت ۽ عوام جي چونڊيل حڪومت ۾ اهو ئي فرق هوندو آهي ته معاملا ڏينهن ۾ نه ڪلاڪن ۾ حل ٿين ٿا. وفاقي وزير چيو ته مبصر به چئي رهيا آهن ته ملڪ دشمن قوتن ۽ تحريڪ انتشار جي ڪشمير جي موضوع تي هڪ ئي ايجنڊا هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آ??ي، شماريات واري اداري جي انگن اکرن موجب گذريل سال مهانگائي 36 سيڪڙو هئي، هن سال 17 سيڪڙو آ??ي، گذريل مهيني ان جو ڀيٽ ڪريون ته گذريل مهيني 20 سيڪڙو مهانگائي هئي جيڪا هلندڙ مهيني 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. هن چيو ته اهڙي طرح اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ پڻ تيزي جو رجحان آ??ي، سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪار?? به اچي رهي آ??ي، سعودي عرب جا وفد اچي رهيا آهن ۽ عالمي سيڙپڪاري جي حوالي ??ان ڳالهه ٿي رهي آ??ي، ا??ان ترقي جي راهه تي گامزن آهيون، عالمي سطح تي ا??ان جي ساک بحال ٿي رهي آ??ي، اهي ڳالهيون ملڪ دشمن قوتن ۽ ا??ان جي سياسي مخالفن کي هضم نه ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ا??ان دشمن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو آ??ي، ا??ان جي قدمن ??ان ملڪ دشمن ايجنڊا کڻي هلندڙ سياسي مخالفن کي مايوسي ٿي آهي. هن چيو ته ا??ان پاڪستان جي سالميت ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ هر قدم کڻنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وقت سر ۽ صحيح فيصلن ??ان ا??ان انهن معاملن کي حل ڪيو، حڪومتن جو اهو ئي ڪم هوندو آ??ي، اهو ڪم نه ٿئي ها جيڪو ماضي جو حڪمران هتي ڪندور هيو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ اڄ به جيل مان متضاد بيان ڏي ٿو، کيس 190 ملين پا??ونڊ جي ڪرپشن، توشه خانه ۽ سائفر جو جواب ڏيڻ گهرجي، هو ڪڏهن آءِ ايم ايف ۽ ڪڏهن آرمي چيف کي خط لکڻ جو چوي ٿو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ هڪ قيدي ۽ سزا يافته ڏوهاري آ??ي، مٿس ڪيسز هلي رهيا آهن. سندس قول ۽ فعل ۾ سدائين تضاد رهيو آ??ي، هن سدائين ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس هر سازش ناڪام ٿي ۽ ٿيندي رهندي، عالمي مالياتي فنڊ يا آرمي چيف کي لکيل سندس خط جي ڪا اهميت نه آهي. ڪشمير جي صورتحال بابت هن چيو ته ڪشمير ۾ امن واپس اچي آيو آ??ي، معاملا سلجهي ويا آهن. ڪشمير ا??ان جي شهه رڳ آ??ي، ا??ان ڪنهن دشمن کي ان طرف ميري اک ??ان ڏسڻ نه ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي سمورن لاڳاپيل فورمز تي اٿاريو پيو وڃي، سعودي ولي عهد ??ان ملاقات هجي يا ايران جي صدر جي پاڪستان جي دوري تي جاري ٿيندڙ گڏيل پڌرنامو هجي، هر جڳهه تي هر فورم تي ڪشمير جي ڳالهه ڪئي وئي، ا??ان هر سطح تي ان معاملي کي اٿاريندا رهنداسين. هن چيو ته ڪشمير ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار جي خاندان جي مڪمل ڪفاليت ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي مخالف ٻه طرح جا آهن، هڪ 9 مئي جي سانحي ۾ ملوث آهن جيڪي 9 مئي جي واقعن تي معذرت ڪن، عليمه خان، نورين خان ۽ عظميٰ خان ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهر موجود هيون، اهي تسليم ڪن ته اها خاندان جي منصوبابندي هئي، باني پي ٽي آءِ جو ڀاڻيجو به اتي موجود هو. هنن ملڪي سالميت تي حملا ڪرايا، ملڪ دشمن عنصرن جي ايجنڊا کي اڳتي کڻي هليا، ڪشمير ت?? به اهو ئي ڪم ڪيو آ??ي، هي قوم کان معافي وٺن، جيستائين هي قوم کان معافي نه ٿا وٺن، جوابدارن کي سزا نه ٿي ملي وڃي، ان وقت تائين ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آ??ي، آزاد ڪشمير جي خصوصي حيثيت آهي ان کي وفاقي حڪومت پا??ان گرانٽ ملي ٿي جنهن ??ان ان جا معاملا هلن ٿا.