اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گذريل رات ٿيندڙ بحث جي نتيجي، اتفاق راءِ تائين نه پهچڻ ۽ فلسطين جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ميمب??شپ جي سفارش ڪرڻ ۾ ناڪامي تي سخت مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مم??از زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان کي فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمب??شپ ڏيڻ واري قرارداد جي مسود?? کي ويٽو ڪرڻ ج?? آمريڪي فيصلي تي افسوس آهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته فلسطين کي گڏيل قومن ۾ شامل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، اهو 75 سالن کان فسلطيني عوام سان ٿيندڙ تاريخي ناانصاف?? کي صحيح ڪرڻ طرف هڪ قدم هوندو ۽ اهو انهن جي خودمختياري جي حق جي تصديق ڪندو. ترجمان چيو ته فلسطيني عوام کي 4 جون 1967ع جي سرحدن جي اندر هڪ آزاد ۽ خودمختيار ۽ متصل فسلطيني رياست ۾ رهڻ جو موروثي حق حاصل آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.