اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي وفد جي پاڪستان جي د??ري جي حوا??ي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته آءِ اي اي اي ??ي اعليٰ وفد جي پاڪستان جي د??ري جي حوا??ي سان ڪن??ن به قسم جون خبرون بي بنياد ۽ ”فيڪ نيوز“ آهن. ترجمان چيو ته آءِ اي اي اي جو ڪو عهديدار هن وقت پاڪستان جو دورو نه ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي ويجهي مستقبل ۾ آءِ اي اي اي سان ڪا پاليسي ڳالهه ٻولهه جو منصوبو آهي. هن چيو ته ڊائريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي فيبر??ري 2023ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت ميڊيا جي لاءِ تفصيل جاري ڪيا هئا.