اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي عهدو سنڀال?? تي مختلف ملڪن جي هم منصبن پاران مبا??ڪب??د جا پيغام مليا آهن. چي?? ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي اسحاق ڊار کي پاڪستان جو پرڏيهي وزير مقرر ٿي?? تي مبا??ڪب??د ڏيندي چيو ته چي?? ريپبلڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان دوستاڻا ۽ تعميري لاڳاپا قائم آهن. مالديپ جي پرڏيهي وزير موسي ضمير پڻ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي مبا??ڪب??د ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. يوڪرين جي پرڏيهي وزير ديميٽرو ڪوليبا اسحاق ڊار کي پاڪستان جي 39 هين پرڏيهي وزير طور مقرري تي مبا??ڪب??د ڏيندي کيس انتهائي ذميواراڻي مشن ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آئون يوڪرين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي ۽ عالمي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو منتظر آهيان. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي پوسٽ ۾ چي?? ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي جي مبا??ڪب??د جي پيغام جا ٿ??را مڃيا. هن چيو ته آئون گڏيل فائدي جي لاءِ پاڪستان ۽ چي?? ريپبلڪ جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو منتظر آهيان.