اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگ?? چيو آهي ته الي??شن ڪميشن آف پاڪستان جون مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جا آئيني طور تي پابندي آهيون. الي??شن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ بابت معاملن جو پي ٽي آءِ بهتر ٻڌائي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون، غيرجانبداراڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري الي??شن ڪميشن آف پاڪستان جي آهي. نگران حڪومت آئيني ۽ قانوني حڪومت آهي، اسان الي??شن ڪميشن سان گڏ آهيون. هن چيو ته حڪومت الي??شن ڪميشن جي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي آئيني طور تي پابند آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي جا مسئلا حقيقي آهن، اسان کي ان جو ادراڪ آهي، ان کي بهتر ڪنداسين. ??ڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ملڪ ۾ سوال اٿارڻ تي ڪا به پابندي نه آهي، چونڊون انشاءَ الله 8 فيبروري 2024ع خميس ڏينهن ٿينديون. 8 فيبروري تي پولنگ اسٽيشنن ٻاهران عوام جون قطارون نظر اينديون.