اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير بحرين جي دوري دوران بحرين جي بادشاهه، ولي عهد، ڊفينس فورسز ۽ بحرين ??يشنل گارڊ جي ڪمانڊرز سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ ٻطرفي فوجي ۽ سيڪيورٽي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. بحرين جي بادشاهه ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي اعتراف ۾ آر??ي چيف کي بحرين ??رسٽ ڪلاس جي ملٽري ميڊل سان نوازيو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جو سربراهه جنرل سيد عاصم منير بحرين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. هن بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ ا??خليفه، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن حمد الخليفه، بحرين ڊفينس فورسز جي ڪمانڊر فيلڊ مارشل خليفه بن احمد الخليفه ۽ بحرين ??يشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ ا??خليفه سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ ٻطرفي فوجي ۽ سيڪيورٽي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. بحرين جي قيادت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. آر??ي چيف بحرين ??يشنل گارڊ جي 27 هين ??وم تاسيس جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جتي سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. آر??ي چيف دهشتگردي جي خاتمي واري تربيتي مشق جو به مشاهدو ڪيو. ڪمانڊر بحرين ??يشنل گارڊ بحرين ??يشنل گارڊ کي ملٽري ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ اعليٰ پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪرڻ تي پاڪ فوج جو ٿورو مڃيو. بحرين جي بادشاهه ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي اعتراف ۾ آر??ي چيف کي بحرين ??رسٽ ڪلاس ملٽري ميڊيل سان نوازيو.