اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ??ه ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان حل ڪڍيو وڃي، ڪراچي جي لاءِ ??جلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اليڪٽرڪ) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مونس عبدالله علوي جي قيادت ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪي اليڪٽرڪ مونس عبدالله علوي، چيف ??نا??س آفيسر ڪي اليڪٽرڪ عامر غزيني ۽ ريگيوليٽري آفيسر ڪي اليڪٽرڪ عمران قريشي شامل هئا. ان موقعي تي توانائي وارو ??گر??ن وفاقي وزير محمد علي، نيپرا چيئرمين وسيم مختار، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ريحان اختر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ??گر??ن وزيراعظم کي ڪي اليڪٽرڪ جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وفد ??گر??ن وزيراعظم جا ڪي اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وفد ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ 390 ارب رپين جي سيڙپڪاري پلان ۽ قابل تجديد توانائي جي 640 ميگاواٽ جي منصوبن جي لاءِ ??گهن جي منظوري ۽ 1000 ميگاواٽ اضافي بجلي جي فراهمي تي ??گر??ن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي گڏيل تعاون سان ڪراچي جي لاءِ ??جلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي ويندي، انهن قدمن سان سيڙپڪارن کي مثبت پيغام مليو آهي. ??گر??ن وزيراعظم توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي ??ه ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان مستقل حل ڪڍيو وڃي. هن اها به هدايت ڪئي ته بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي.