اسلا?? آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جن کي تعليم ??يڻ جي لاءِ مسجدن سان گڏجي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ مسجدن جي تعليم جي فروغ جي حوالي سان ڪردار تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير، سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير ۽ آزاد ڪشمير جي تعليم واري وزير، تعليم وارن صوبائي سيڪريٽريز، اوقافت کاتي ۽ مذهبي معاملن جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جن کي تعليم ??يڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻي پوندي. هن ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ مسجدن سان گڏجي گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته مسجدن کي خواندگي ۽ تعليمي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ صدر کي ايڪسلريٽيڊ لرننگ پروگرام تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلا?? آباد ۾ تعليم ??ان محروم 70 هزار کان وڌيڪ ٻارن جي اسڪول ۾ ??اخ??ا ڪئي وئي آهي. ايڪسلريٽڊ لرننگ پروگرام ماڊل 24 کان 30 مهينن ۾ 5 سالن جي پرائمري تعليم ??ي ٿو، پروگرام ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي باقاعده اسڪولن ۾ ??اخ?? ڪيو وڃي ٿو، تعليم ??ان محروم وڏي عمر جا ٻار پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا. بريفنگ ۾ چيو ويو ته اي ايل پي ماڊل لچڪدار، موزُون ۽ گهٽ لاڳت جو ماڊل آهي، ان کي ڪميونٽي جي فراهم ڪيل جڳهه، مدرسن، مسجدن ۽ اسڪولن جي ٻي شفٽ ۾ اختيار ڪري سگهجي ٿو. مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق ا??مد چيو ته وفاقي حڪومت صوبن کي اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ??يڻ جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اجلاس ۾ مسجدن کي تعليمي سرگرمين جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي لاءِ هڪ پاليسي پيپر تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اتفاق ??اء?? سان تيار ڪيل پاليسي پيپر وفاقي ڪابينا جي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.