اسلام آباد ??? 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٽان?? ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس لائين ۽ ضلعي خيبر ۾ پوليس ۽ فرنٽيئر ڪور جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم دهشتگردن جي ٽانڪ پوليس لائين ۾ شرپسندي جي وڏي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. نگ??ان وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي پاڪستان مان مڪمل خاتمي تائين اها جنگ جاري رکنداسين. مون سميت سڄي قوم ملڪ جي حفاظت خاطر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي بهادر عوام دهشتگردي جي ان جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. نگ??ان وزيراعظم حملن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.