اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ??لا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻ??له?? جي لاءِ هلندڙ مهيني جي شروع ۾ او آءِ سي جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ تي سعودي قيادت کي ساراهيو. هن عرب ۽ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ات??اق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ڪردار کي ساراهيو. هن غزه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ بيگناهه فلسطينين تي اسرائيل پاران ڪيل ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ سف??رت?? ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.