اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ رو??نڊ?? جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي آفريقي کنڊ سان پنهنجا لاڳاپا خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ??ءِ ٽي، زراعت ۽ عوام جي سطح تي مٽاسٽا ۾ اض??في جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان جمهوريه ??و??نڊ?? جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ رو??نڊ?? جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي آفريقي کنڊ سان پنهنجي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ??ءِ ٽي، زراعت ۽ عوام جي سطح تي مٽاسٽا جي خواهش کان آگاهه ڪيو. ان سلسلي ۾ هن رو??نڊ?? کي اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڪستان 2021ع ۾ ڪيگالي ۾ پنهنجو مشن کوليو. پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم جمهوريه ??و??نڊ?? جي سينيٽ جي صدر جي پهرين دوري جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ساراهيو. نگران وزيراعظم رو??نڊ?? جي تازن سالن ۾ حاصل ڪيل شاندار اقتصادي ترقي کي پڻ ساراهيو. جمهوريه ??و??نڊ?? جي سينيٽ جي صدر پنهنجي وفد جي شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. اسلام آباد ۾ قيام دوران هن پارليامينٽ ميمبرن، سرڪاري آفيسرن ۽ نجي شعبي سان ڪارائتيون ملاقاتون ڪيون. رو??نڊ?? سينيٽ جو وفد سينيٽ آف پاڪستان جي چيئرمين جي دعوت تي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي.