اسلام آباد -01 نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي مٿئين ??يو??ن سينيٽ فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ اسرائيل جي جارحيت ۽ بربريت خلاف مذمتي ٺهراءَ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني آهي. سينيٽ اجلاس ۾ قائد ??يو??ن سينيٽر اسحاق ڊار ٺهراءَ پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي، ته سينيٽ آف پاڪستان غزه ۾ فلسطين جي عوام جي نسل ڪشي جي معاملي تي پنهنجي هنگامي اجلاس م انسانيت خلاف اسرائيلي ??وهن ۽ رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪري ٿي. دنيا جي سڀ کا?? وڏي کليل جيل غزه جي والاريل پٽي ۾ ترسيل فلسطين جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ مردن خلاف رياستي دهشتگردي جاري آهي. پاڪستان جو هي ??يو??ن اعلان ڪري ٿو ته ٻي عالمي جنگ جي هولوڪاسٽ بعد ڪو به ملڪ ان قسم جي بربريت ۽ اهڙي وڏي پيماني تي قتل عام ۽ جنگي ڏوهه جو مرتڪب ناهي ٿيو. ٺهراءَ ۾ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مڪمل حمايت ۽ اسرائيل جي حمايت ڪندڙن جي ٻٽي معيار ۽ منافقت جي مذمت ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو غزه ۾ فوري جنگ بندي جي مخالفت ڪندي ڏوهه ۾ شريڪ آهن. هي ٺهراءُ پاڪستاني عوام جي جذبن ۽ فلسطيني مسئلي تي فلسطين جي عوام جي پاڪستان طرفان مسلسل حمايت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. ٺهراءَ م چيو ويو آهي ته هي ??يو??ن غزه ۾ فوري جنگبندي، اسرائيل پاران ناڪابندي جي خاتمي ۽ غزه جي شهرين کي دوائن،خوراڪ، پاڻي ۽ ٻين ضرورتن جي فراهمي لاءِ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي غزه تائين رسائي جو مطالبو ڪري ٿو. هي ??يو??ن مسلمان امت جي مقدس ماڳن جي بي حرمتي لاءِ ڪيل سموريون اسرائيلي ??ارروائيون بند ڪرڻ، ۽ اسرائيل جي جارحيت ۽ قبضي کي ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪري ??و. ??يو??ن ٺهراءَ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.