اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ناليواري عالم دين حافظ محمد طاهر م??مو?? اشرفي جي وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي سهولت لاءِ خصوصي نمائندي جي عهدي جي لاءِ نئين سر مقرري ڪري ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري توقير شاهه پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 21 آڪٽوبر ۽ 29 ڊسمبر جي حڪمن جي تسلسل طور نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ حافظ محمد طاهر م??مو?? اشرفي جي وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي لاءِ خصوصي نمائندي جي عهدي لاءِ نئين سر مقرري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. حافظ محمد طاهر م??مو?? اشرفي هڪ ناليوارو مذهبي اسڪالر ۽ پا??ستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين جي هجڻ سان گڏوگڏ قومي ۽ عالمي سطح تي مذهبي هم آهنگي جي لاءِ پل جو ڪر??ار ا??ا ڪري رهيو آهي. ان اهم ڪر??ار جي لاءِ ان جي ٻيهر مقرري واضح ڪري ٿي ته حڪومت اسلامي ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ پا??ستان جي اندر مذهبي گڏيل بقاءَ کي فروغ ڏيڻ جي سندس صلاحيت تي يقين رکي ٿي. حافظ محمد طاهر م??مو?? اشرفي جي اسلامي فقه جي گهري مطالعي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ سان وابستگي طور سڃاتو وڃي ٿو. هن مختلف مذهبي فرقن ۽ مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ مذهبي اڳواڻن ۽ عالمن کي متحد ڪيو، سندس ڪوششن سان پا??ستان ۾ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ مذهبي رواداري کي فروغ ڏيڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي سهولت لاءِ بطور خصوصي نمائندي هن وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن سان پا??ستان جي لاڳاپن کي مضبوط بڻا??ڻ جي سفارتي ڪوششن ۾ پروان چڙهايو. هو علائقائي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ جاري مسئلن جي پرامن حل کي فروغ ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ مڪالمي ۾ اهم ڪر??ار ا??ا ڪندو رهيو آهي. سندس ٻيهر عهدي کي عالمي ميدان ۾ ان جي موثر سفارتڪاري ۽ ثالثي جي مهارت جي ثبوت طور ڏٺو وڃي ٿو. وچ اوڀر ۽ اسلامي دنيا ۾ رابطن جي وسيع نيٽ ورڪ مان اميد ڪئي وڃي ٿي ته اهو عالمي سطح تي پا??ستان جي حيثيت کي وڌائڻ ۾ اهم ڪر??ار ا??ا ڪندو. ملڪ جي سياسي، مذهبي قيادت، مذهبي اسڪالرز ۽ عالمي برادري سميت مختلف ڌرين حافظ محمد طاهر م??مو?? اشرفي جي ٻيهر مقرري کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو خصوصي نمائندي جي حيثيت ۾ پنهنجي ڪر??ار جي لاءِ اڻٿڪ وابستگي سان وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن سان پا??ستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ عالمي امن ۽ مذهبي هم آهنگي ۾ موثر ڪر??ار ا??ا ڪندو.