بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي صدر شي جن پنگ پاران عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ پاران ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گريٽ هال ??ف پيپلز پهتو جتي چيني صدر شي جن پنگ ۽ خاتون اول پانگ لي يوان نگران وز??راعظم جو شاندار استقبال ڪيو. نگران وفاقي ڪابينا جي وز??رن پڻ نگران وز??راعظم سان گڏ آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. گريٽ هال ??ف پيپلز ۾ منعقد ان آجياڻي ۾ روس، ڪينيا، ايٿوپيا، منگوليا، هنگري، سريلنڪا، قزاقستان، ازبڪستان، پاپوا نيوگني، موزمبيق، چلي ۽ ٻين عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. نگران وز??راعظم آجياڻي ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ڪيون.