اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر به موجود هئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ن??ران وزيراعظم چي?? ته عالمي بئنڪ پ??ڪستان جي پٺتي پيل علائقن خاص طور تي بلوچستان جي ڏورانهن جلائقن جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته پٺتي پيل علائقن کي ملڪ جي ٻين حصن وانگر ترقي جي راهه تي گامزن ڪري. نگران وزيراعظم چي?? ته عالمي بئنڪ 2022ع جي شديد ترين ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، متاثر علائقن ۾ جاري بحالي جي ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن انتظامي مدد ??راهم ڪندي. ناجي بن حسين وزيراعظم کي عالمي بئنڪ جي بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي ڪمن ۽ جنيوا ۾ عالمي بئنڪ پ??ران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اعلان ڪيل امدادي رقم جي فراهمي جي حوالي سان اڳڀرائي کان تفصيلي طور آگاهه ڪيو.