اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ڊاڪٽر هذال حمود العتيبي تع??يم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن سميت معياري تع??يم کي هٿي ڏيڻ ?? انتهاپسنديءَ جي حوصله شڪنيءَ ۾ تعليمي ادارن جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ جامعه جي نائب صدر ايڊمنسٽريشن اينڊ فنانس ڊاڪٽر نبي بخش جماڻي پڻ موجود هو. تع??يم واري وزير معاشري جي تعمير ۽ خدمتن ۾ يونيورسٽين جي ڪردار کي ساراهيندي يونيورسٽيءَ کي وڌ کان وڌ تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چي?? ته يونيورسٽيون انتهاپسنديءَ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته اسلامي يونيورسٽي بهترين پليٽ فارم هئڻ جي ناتي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت تي ڪانفرنس منعقد ڪري. يونيورسٽيءَ جي صدر چي?? ته يونيورسٽي جلد ئي وزارت جي تعاون سان ان ڪانفرنس جو شيڊول بڻائيندي. هن اهو ٻڌايو ته يونيورسٽي ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ ٻي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪندي، جنهن ۾ امام ڪعبه شرڪت ڪندو. هن وڌيڪ چي?? ته يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ليگ آف اسلامڪ يونيورسٽيز جي هڪ ٻي ڪانفرنس تي ڪم پڻ جار?? آهي جنهن ۾ رابطه عالم اسلامي ليگ جو سربراهه شرڪت ڪندو. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ شاندار ڀائراڻي تاريخ رکن ٿا. هن وڌيڪ چي?? ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن سعودي عرب جي حڪومت جي ويزن جي به تعريف ڪئي ۽ چي?? ته خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. يونيورسٽي ءَجي صدر چي?? ته شاگردن جي سهولت لاءِ ڊجيٽلائيزيشن، فاصلاتي تع??يم ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان يونيورسٽي جي قدمن کان آگاهه ڪيو. صدر ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو اعليٰ تع??يم ۾ بهتريءَ لاءِ وزير جي رهنمائيءَ ۾ وزارت سان تعاون وڌائڻ لاءِ پهرين صف ۾ شامل هوندو. ڊاڪٽر هذال ٻُڌايو ته گذريل 3 سالن ۾ يونيورسٽي درجابندي ۾ بامعنيٰ ترقي ڪئ?? آهي. يونيورسٽيءَ جي صدر وزير تع??يم کي يونيورسٽي جي دؤري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪيو ۽ يونيورسٽيءَ جي جاري اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.