اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي سان گهرو وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي نگران وزيرن ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ عام چونڊن جي حوالي سان نگران حڪومت ??ار??ن اليڪشن ڪميشن جي معاونت جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي وزيرن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جي ملڪ ۾ عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جي آئيني ذميواري ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪنداسين. گهرو وزارت پهچڻ تي نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي اطلاع??ت واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي آجيان ڪئي.