اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ثناءُ الله جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ثناءُ الله ۽ ان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مق??م ۽ پونئيرن کي صبر عط?? فرمائي.