اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پنهنجي ملڪ جي تقدير جص ضامن نوجوانن ۽ شاگردن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ڪ?? ٻي خوشي ناهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم جي ملڪ گير آغاز اهو سفر ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو جيڪو پنجاب ۾ ميان نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ(ن) جي حڪومت شروع ڪيو هو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اهو هڪ دلچسپ سفر آهي ته ڪهڙي طرح انهن ليپ ٽاپس شاگردن کي انهن جي پڙهائي، ڪاروباري بڻائڻ ۽ گذريل ڏهاڪي دوران فائدي مند ڪيريئر بڻائڻ ۾ مدد ڪئي. ليپ ٽاپ اسڪيم ??اق??ي گيم چينجر ثابت ٿي آهي جنهن جي سبب ڪاميابي جون ??اندار ڪهاڻيون ??امهون ??يون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته موجوده اسڪيم تحت پاڪستان جي شاگردن ۾ مرحليوار هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويندا. ماضي وانگر، شفافيت ۽ ميرٽ وصول ڪندڙن جي چونڊ ۾ ره??ما اصول هوندا.