مڪو شريف – 26 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن وار?? وزارت پاڪستاني حج پانڌيئڙن جي مدد ۽ سهولت لا??ِ منيٰ ۾ مين ڪنٽرول آفيس (ايم سي او) قائم ڪري ڇڏي آهي. مذهبي معاملن وار?? وزارت جي ترجمان مطابق ڪنٽرول روم ۾ معلومات ۽ رابطي کي ي??ين?? بڻائڻ لاءِ هڪ انفارميشن سيل قائم ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هڪ خاص سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به گم ٿيل حاجي يا سامان جي ڳولا ۾ مدد ڏئي سگهجي. پرائويٽ حاجين جي ڪنهن به امڪاني مسئلن جي ڪڙي نگراني ۽ انهن جي حل لا??ِ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي. مختلف ٻيا خاص يونٽس جهڙوڪ وهيل چيئر ڊيسڪ وغيره حاجين جي سهولت لاءِ قائم ڪيا ويا آهن. انهن سهولتن جي فراهمي جو ??قصد حج انتظامن کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ ان سان سمورن پاڪستاني حج پانڌيئڙن لاءِ آرامده ۽ پريشاني کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ لا??ِ مذهبي معاملن وار?? وزارت جو عزم ظاهر ٿئي ٿو.