باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذرب??ئي??ان توان??ئي?? واپار، هوابازي، تعليم، سيڙپڪاري ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. زوگلبا پيليس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذرب??ئي??ان جي صدر الهام عليوف ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات کانپوءِ ??ڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ٻنهي اڳواڻن صحافين کي ٻڌايو ته ٻنهي گادي وارن شهرن جي وچ ۾ آذرب??ئي??ان ايئرلائين جون اڏامون شروع ڪرڻ، فوجي مشقن ۾ اضافي ۽ توان??ئي?? سيڙپڪاري ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف باڪو شهر جي پرڪشش بنيادي ڍانچي ۽ باغباني جي لاءِ صدر الهام عليوف جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي آذرب??ئي??ان جي صدر کي چيو ته هو باغباني ۽ ويسٽ مئنيجمينٽ جي پنهنجي ماهرن جون خدمتون اسلام آباد جي لاءِ ??ي. هن چيو ته ڪارائتي ڳالهه ٻولهه دوران اسان جي وچ ۾ مختلف ٻطرفي ۽ گهڻ رخي معاملن تي مڪمل اتفاق راءِ ??ٺو ويو آهي، اسان جا لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ خلوص تي ٻڌل آهن. وزيراعظم چيو ته پوري باڪو ۾ پاڪستاني جهنڊا ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ محبت جي عڪاسي ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جا پراڻا لاڳاپا آهن پر واپار، سيڙپڪاري، هڪ ٻئي جي دورن ۽ تعاون جي اهم شعبن ۾ انهن جي عڪاسي نظر اچي ٿي. توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي زور ڏيندي هن چيو ته پاڪستان کي توانائي جي کوٽ درپيش آهي ۽ اسان جو ملڪ ساليانو 27 ارب ڊالر درآمدي ٻارڻ تي خرچ ڪري ٿو پر يوڪرين جي بحران جي ڪري درآمدي شين جي قيمتن ۽ تيل جي قيمت ۾ اضافي جي چئلينج جي ڪري اهو ناقابل برداشت ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪومت صنعتن، روانگي واپار ۽ واپار جي لاءِ مهانگي درآمدي ٻارڻ جي جڳهه شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم پاڪستان مان چانور جي برآمد ۾ سهولت جي لاءِ پاڪستاني چانور تي ڊيوٽي ختم ڪرڻ تي آذرب??ئي??ان جي صدر جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان اسلام آباد جي لاءِ آذرب??ئي??ان ايئرلائين جون اڏامون شروع ڪرڻ جي آجيان ڪري ٿو ۽ آذرب??ئي??ان جي هوابازي جي وزير کي دعوت ڏني ته ٻطرفي سياحت جي فروغ لاءِ باڪو ۽ ڪراچي جي وچ ۾ اڏامون هلائڻ جي معاملي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري. وزيراعظم ڪشمير مسئلي جي ڀرپور حمايت تي آذرب??ئي??ان جا ٿورا مڃيا ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزين سميت والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي ظالماڻي ڪاررواين ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان آذرب??ئي??ان جي علائقائي سلامتي جي حمايت ڪري ٿو ۽ آذرب??ئي??ان جي حقن جي لاءِ وڙهندڙ ملڪي فوج جي بهادري کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آذرب??ئي??ان جي وچ ۾ دفاع جي شعبي ۾ تعاون ڪا لڪيل ڳالهه نه آهي ڇو ته اهو ڪنهن جارحيت جي لاءِ نه پر خطي جي امن لاءِ آهي. صدر الهام عليوف کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي وزيراعظم چيو ته هو پيٽروليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ آذرب??ئي??ان جي معيشت، هوابازي ۽ توانائي جي وزيرن جي وفد جي دوري جو منتظر آهي. صدر الهام عليوف وزيراعظم ۽ ان جي وفد کي باڪو ۾ آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن توان??ئي?? دفاع ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته آذرب??ئي??ان وڌيڪ پاڪستاني شاگردن جي ميزباني جي اميد رکي ٿو ۽ پاڪستاني يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ آذري شاگردن ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اسان فوجي مشقن جو انگ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ڇو ته بدلجندڙ حالتن جي ڏس ۾ فوجي صلاحيت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته مضبوط فوجي صلاحيت آزادي ۽ علائقائي سلامتي جي ضامن آهي، آذرب??ئي??ان ڪاراباخ ريجن کي ڳالهين جي ذريعي نه پر پنهنجي فوجي طاقت سان آزاد ڪرايو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آذرب??ئي??ان سدائين ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺل رهيا آهن ڇو ته ٻنهي ملڪن جا مختلف معاملن تي خيال هڪ جهڙا آهن. آذرب??ئي??ان جي صدر وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت کي ساراهيندي پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد ڏني ته انهن وٽ ويزن رکندڙ هڪ اهڙو عظيم ليڊر موجود آهي جيڪو ملڪ جي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي.