اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ناڻي۽ محصولن واري ??فاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي، ته 3.5 سيڪڙو اقتصادي اوسر جو ??دف عمل جوڳو ۽ حاصل ڪرڻ جوڳو آهي. پوسٽ بجيٽ پ??يس ڪانفرنس دوران هن چيو ته عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ مالي سال 2024ع لاءِ پاڪستان جي اوسر واري شرح جو ??دف 2 سيڪڙو لڳايو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف ساڍا 3 سيڪڙو، بلومبرگ 4 سيڪڙو ۽ فچ به 4 سيڪڙو جي اوسر واري شرح جو اندازو لڳايو آهي. ناڻي واري ??زير چيو ته اقتصادي اوسر سميت اهم شعبن جا هدف حقيقت پسنداڻا ۽ عمل جوڳا آهن.