اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري ڊويزن جي منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 2 ارب رپيا رکيا ويا جن ۾ جاري اسڪيمن جي لاءِ هڪ ارب 54 ڪروڙ 53 لک 50 هزار ر??يا ۽ نئين اسڪيمن جي لاءِ 45 ڪروڙ 46 لک 50 هزار ر??ين جي رقم شامل آهي. جاري ٿيندڙ پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب بجيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي جاري اڪسيمن اسٽيبلشمينٽ آف پاڪستان انفارميشن سينٽر (پي آئي سي) فيز ون جي لاءِ 3 ڪروڙ 50 لک رپيا، سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ (اسلام آباد) ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا پبلي ڪيشنز جي لاءِ 44 ڪروڙ 85 لک رپيا، قائداعظم محمد علي جناح جي 1906ع کان 1948ع تائين تقرين جي ڇپائي جي منصوبي جي لاءِ 3 ڪروڙ 25 لک 30 هزار ر??يا، پي آئي ڊي ميڊيا سيل ٽو سي وي اي پائليٽ پراجيڪٽ (اسلام آباد) پي آئي ڊي قائم ڪرڻ جي لاءِ 4 ڪروڙ رپيا، نيشنل انفارميشن ميڊيا آڪائيو ريپازٽري (اسلام آباد – لاهور سائبر ونگ) جي لاءِ 37 ڪروڙ 94 لک 12 هزار ر??يا، خيرپور (سنڌ) ۾ ميڊيا ويو سروسز جي بحالي لاءِ 20 ڪروڙ 90 لک 69 هزار ر??يا، سينٽرل ??ورڊ آف فلم سينسرز (اسلام آباد) جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 4 ڪروڙ 81 لک 41 هزار ر??يا، پاڪستان بر??ڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ اسٽوڊيوز ۽ ماسٽر ڪنٽرول رومز جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 15 ڪروڙ 49 لک 45 هزار ر??يا ۽ پي ٽي وي اڪيڊمي ايڇ نائين اسلام آباد ۾ نيشنل فلم پروڊڪشن انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي نئين اسڪيمن جي لاءِ پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع ۾ چين جي گرانٽ ان ايڊ جي ذريعي پي ٽي وي جي ڊي ٽي ايم بي جي ٽيرسٽيريل ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ 5 ڪروڙ 46 لک 50 هزار ر??يا، ايڇ پي ٽي روات جي اپ گريڊيشن، 1000 ڪي وي – ڊي آر ايم هڻڻ جي لاءِ 40 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.