اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آه?? ته ائين لڳي ٿو ته عمران نيازي جي معيشت ۽ ان جا ڪم ڪندڙ وسيع ماح??ل بابت سمجهه بوجهه ڪافي محدود آه??، اهي معاشي چئلينجن ۾ پنهنجي ڪردار کي به وساري ڇڏين ٿا، آءِ ايم ايف معاهدي کي ختم ڪرڻ کان وٺي هن سدائين پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي خواهش ڪئي آه??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهي ان جي نان اسٽاپ احتجاج، لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جي سياست جا منفي اثر ان کانسواءِ آه?? جيڪي سيا??ي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي حوالي سان معيشت تي پيا آه??. وزيراعظم چيو ته ايستائين جو پاڪستاني سيڙپڪار به عمران نيازي پاران ڄاڻي واڻي ٺاهيل اهڙي غيرمستحڪم ماحول ۾ پنهنجو سرمايو لڳائڻ کان پاسو ڪري رهيا آه??. وزيراعظم چيو ته رڳو 9 مئي جي خوفناڪ واقعن معيشت کي اربين رپين جو نقصان پهچايو ۽ اهو ان جي ڪڌي ارادن جي ناقابل ترديد تائيد آه??. هن چيو ته ان ۾ ڪرپشن جي ڪسز جي ڪثرت جو ذڪر نه آه?? جن ۾ هو ملوث آه??. وزيراعظم چيو ته معاشي چلينجز درپيش ضرور آه?? پر قيامت اسان جي مٿان گذري چڪي آه??، معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ وقت سر پاليسي جي ذريعي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اسان دوستن ۽ حصيدارن سان گڏجي مالياتي خال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيا آه??ون جتي ضرورت هجي. وزيراعظم چيو ته اسان جي لاءِ اصل چئلينج درآمدات تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۽ گڏوگڏ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ آه?? جيڪو ان ئي وقت ممڪن آه?? جڏهن اسان برآمدات، سيڙپڪاري ۽ پيداوار کي معيشت جو انجڻ بڻايون، اتان ئي اسان جي ڪوشش اڳتي وڌي رهي آه??.