اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان افغانستان ۾ مفاهمت بابت آمريڪا جي اڳوڻي خصوصي نمائندي زلمي خليل ??اد جي بيان جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ پاڪستان کي ڪنهن جي ليڪچرز يا مشوري جي ضرورت نه آهي. جاري هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته اسان هڪ بهادر قوم جي حيثيت سان موجوده مشڪل صورتحال مان وڌيڪ مضبوط بڻجي نڪ??نداسين.