اسلام ??باد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ڪينيا سان پاڪستان جي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڀرپور خواهش ج?? اظهار ڪيو آهي. وز??راعظم محمد شهباز شريف ڪينيا جي صدر ڊاڪٽر وليم روٽو کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آفريقا سان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وز??راعظم تعاون جي سمورن شعبن ۾ ڪينيا سا?? پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي ڀرپور خواهش ج?? اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران وز??راعظم ڪينيا ۾ قتل ٿيندڙ ناليواري پاڪستاني صحافي مرحوم ارشد شريف جو معاملو اٿاريو. وز??راعظم پاڪستاني جاچ ٽيمن کي هيستائين فراهم ڪيل تعاون تي ڪينيا جي صدر جا ٿورا مڃيا. وز??راعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان مرحوم ارشد شريف جي ڪيس کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وز??راعظم ڪينيا پاران جاچ دوران وڌيڪ تعاون جي درخواست ڪئي. ڪينيا جي صدر وز??راعظم کي ان معاملي ۾ مڪمل حمايت ۽ تعاو?? جو يقين ڏياريو.