اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ??ند?? چيو آهي ته پاڪستاني ڊاڪٽرن، پيراميڊڪس ۽ ريسڪيو اهلڪارن تي ٻڌل خصوصي ٽيمون ترڪيه ۾ جاري ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي لاءِ موڪليون پيون وڃن، تمام جلد هڪ هوائي جهاز به ضرورت جون شيون ۽ دوائون کڻي ترڪيه روانو ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??ن چيو ته سندس به ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، مون ترڪيه ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، مون کيس چيو آهي ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي هر قسم جي م??د جي لاءِ گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستاني ڊاڪٽرن، پيراميڊڪس ۽ ريسڪيو اهلڪارن تي ٻڌل خصوصي ٽيمون ترڪيه ۾ جاري ريسڪيو ۽ م??د جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي لاءِ موڪليون پيون وڃن، تمام جلد هڪ هوائي جهاز به ضرورت جون شيون ۽ دوائون کڻي ترڪيه روانو ڪيو ويندو.