ماسڪو – 30 – جنوري (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يوڪرين جي تڪرار کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪ??تا?? جهڙن اسرندڙ ملڪن کي ان تڪرار جا معاشي اثر درپيش آهن، اسان جو پڪو يقين آهي ته سمورن تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙيون ڪي رڪاوٽون نه آهن جن تي سفارتڪاري ڪامياب نه ٿي سگهي، روس سان توانائي جي شعبي ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پاڪ??تا?? روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ٻطرفن ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ اهم آهن، پاڪ??تا?? روس لاڳاپا پراڻا ۽ ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته روس جي سفارتڪاري جي مضبوط روايت تڪرار جي پرامن حل ۾ مدد ڪندي. پر??يهي وزير چيو ته پاڪ??تا?? روسي فيڊريشن سان اعليٰ سطحي رابطا جاري رکندو. پنهنجي روسي هم منصب سان ٿيندڙ ملاقات کان ميڊيا کي آگاهه ڪندي پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن 7 علائقائي معاملن جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهي?? آهن ۽ پاڪ??تا?? روس سان واپار، سلامتي، دفاع، دهشتگردي جي خاتمي، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن ثمرقند ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي وچ ۾ سربراهه ملاقات ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اٺين بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ واپار، معيشت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون تي ڌيان ڏنو ويو. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملاقات دوران هن گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمن تي ٻطرفي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪ??تا?? ۽ روس جي وچ ۾ افغان??تا?? تي بهتر تعاون آهي ۽ اهي جنگ کان متاثر ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جو هدف حاصل ڪرڻ چ??هين ٿا. پاڪ روس توانائي تعاون بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پر??يهي وزير چيو ته پاڪ??تا?? جي موجوده حڪومت ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? روس آمريڪا يورپ سان پنهنجي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اهو ته هو مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏي ٿو، روسي پر??يهي وزير سان سمورن شعبن ۾ دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان تڪرارن جو پرامن حل چاهيون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪ??تا?? روس سان واپار، دهشتگردي جي خاتمي ۽ عوامي رابطن سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ گرمجوشي موجود آهي، اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ دعوت تي روسي پر??يهي وزير جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۽ روس جي وچ ۾ اٺين بين الحڪومتي اجلاس ڪاميابي سان منعقد ٿيو، شاندار استقبال تي روسي پر??يهي وزير جا ٿورا مڃان ٿو. پر??يهي وزير چيو ته سمورن شعبن ۾ روسي پر??يهي وزير سان دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪ??تا??ي معيشت ٻوڏ جي ڪري شديد متاثر ٿي. هن چيو ته روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ان سلسلي ۾ روس سان توانائي جي شعبي ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ان موقعي تي روسي پر??يهي وزير سرگئي لاروف پاڪ??تا?? سان پنهنجي فوجي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل مشقن ۽ فوجي تربيت سميت باقاعده فوجي رابطو ڪري رهي?? آهن. هن چيو ته خطي مان دهشتگردي جي خاتمي جو سڌوسنئون تعلق افغان??تا?? سان آهي، هن ان مقصد جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم خاص طور تي افغان??تا?? بابت ان جي رابطا گروپ جي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. روسي پر??يهي وزير پشاور جي مسجد ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي تعاون تي زور ڏنو. هن چيو ته ملاقات دوران هن انساني، ثقافتي ۽ تعليمي رابطا قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. روسي پر??يهي وزير سرگئي لاروف چيو ته پاڪ??تا?? سان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ چ??هيون ٿا، افغان??تا?? ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ??تا?? ۽ روس پنهنجون ڪوششون جاري رکندا، غيرجانبداراڻي پوزيشن جي حوالي سان پاڪ??تا?? جو موقف ساراهه جوڳو آهي، پاڪ??تا?? سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چ??هيون ٿا، پاڪ??تا?? جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪنداسين. روسي پر??يهي وزير چيو ته پاڪ??تا?? ۽ روس مختلف عالمي فورمن تي گڏيل موقف رکن ٿا، پاڪ??تا?? ۽ روس جو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ۾ تعاون جي حوالي سان هڪ جهڙو موقف آهي، پاڪ??تا?? سان مختلف شعبن ۾ تعاون جاري آهي. سرگئي لاروف چيو ته افغان??تا?? ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻئي ملڪ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا.